پنج مرثيه

پنج مرثيه

پنج مرثيه

پنج مرثيه (ڪتاب): ڊيمي سائيز ۾ آرٽ پيپر تي ڇپيل هِن ڪتاب ۾ سنڌي مرثيي جي آڳاٽي شاعر مرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ جا پنج معرڪة الآرا مرثيه شامل آهن، جن کي مرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي مقدمي ۾ سنڌ ۾ مرثيي نگاري جي تاريخ کي تفصيلي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. شاعر جي 182 ساله يوم وفات جي موقعي تي هِن ڪتاب جي رونمائي ۽ يادگار مجلس مرثيه خواني امام بارگاه علي آباد حيدرآباد ۾05 اپريل 2004ع تي منعقد ڪئي وئي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 2004ع ۾ بزم فتح ڇپائي پڌرو ڪيو. 64 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 110 روپيا آهي.


لفظ پنج مرثيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو